سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پاڪستان جي ”مڌر ٽيريسا“ ڊاڪٽر رٿ فائو جي جنم ڏينهن تي کيس شاندار خراجِ تحسين پيش

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي ”مڌر ٽيريسا“ ڊاڪٽر رٿ فائو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس شاندار خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر رٿ فائو پنهنجي سڄي زندگي پاڪستان مان ڪوڙهه جي خاتمي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. وڏي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جون انسانيت لاءِ بي لوث خدمتون هميشه ياد …

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي ”مڌر ٽيريسا“ ڊاڪٽر رٿ فائو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس شاندار خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر رٿ فائو پنهنجي سڄي زندگي پاڪستان مان ڪوڙهه جي خاتمي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. وڏي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جون انسانيت لاءِ بي لوث خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن ڏکويل انسانيت جي خدمت جو اهڙو اعليٰ مثال قائم ڪيو، جنهن جو ڪو به مثال نٿو ملي. هن چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جرمني ڇڏي پاڪستان آئي ۽ هتي لاچار مريضن کي پنهنجي سيني سان لڳايو. هن پاڪستان کي ڪوڙهه کان پاڪ ملڪ بڻائڻ ۾ تاريخي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڊاڪٽر رٿ فائو جي مشن ۽ سندس قائم ڪيل طبي ادارن جي سرپرستي جاري رکندي. ڊاڪٽر رٿ فائو جو انسانيت سان محبت ۽ خدمت جو جذبو اڄ به اسان لاءِ مشعلِ راهه آهي.هن چيو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جهڙيون عظيم هستيون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن. پوري پاڪستاني قوم ڊاڪٽر رٿ فائو جي لازوال خدمتن کي سلامِ عقيدت پيش ڪري ٿي.