ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ٻن ٽن سالن دوران ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جن جو مقصد شهرين کي محفوظ، بهتر ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ننڍين ويگنن ۽ وينز بابت سنڌ حڪومت اهم قدم …
گذريل ٻن ٽن سالن دوران ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ٻن ٽن سالن دوران ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جن جو مقصد شهرين کي محفوظ، بهتر ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ننڍين ويگنن ۽ وينز بابت سنڌ حڪومت اهم قدم کنيا آهن، جن ۾ سڀ کان پهرين انهن گاڏين ۾ سي اين جي ۽ ايل پي جي ڪٽس جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي ته جيئن امڪاني حادثن کان بچي سگهجي. هن چيو ته اهي گاڏيون نه صرف بين الاضلاعي ۽ اندرون شهر سفر لاءِ استعمال ٿين ٿيون پر اسڪول ويندڙ ٻارن جي اچ وڃ لاءِ به استعمال ڪيون وينديون آهن، ان ڪري انهن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل گاڏين لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڊجيٽلائيزڊ فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ روٽ پرمٽ نظام به متعارف ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ گاڏين جو رڪارڊ هٿ سان رکيو ويندو هو ۽ روٽ پرمٽ سميت ٻين دستاويزن جو مڪمل رڪارڊ موجود نه هوندو هو، تنهن هوندي به گذريل هڪ سال دوران پوري نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي ٽرانسپورٽ فٽنيس ۽ روٽ پرمٽ جي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ وڏو ۽ انقلابي قدم آهي. سينئر وزير چيو ته حڪومت ٽرانسپورٽ قانونن تي عملدرآمد لاءِ سخت قدم کنيا آهن. اهڙيون گاڏيون جن جا ڪاغذ مڪمل نه هجن يا ڊرائيورن وٽ لائسنس موجود نه هجي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته فٽنيس معيار تي پورو نه لهندڙ گاڏين کي قبضي ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿرڊ پارٽي لائبلٽي انشورنس جو نظام به شروع ڪيو آهي ته جيئن خدا نه ڪري حادثي جي صورت ۾ متاثرن کي وقت سر معاوضو فراهم ڪري سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته روڊن تي ٽريفڪ سيفٽي ۽ گاڏين جي چيڪنگ جو عمل مسلسل جاري آهي، خاص طور تي عيد ۽ ٻين ڏڻن جي موقعي تي سرپرائيز چيڪنگ ڪئي ويندي آهي. ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون آهن ۽ ڏنڊ به لڳايا ويا آهن. هن چيو ته فائر سيفٽي بابت به قدم کنيا ويا آهن ۽ لاڳاپيل گاڏين ۾ حفاظتي انتظامن کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچيءَ جي ٽريفڪ مسئلن جو ذڪر ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گھٽائڻ لاءِ انهن بسن جي روٽن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جيڪي اندرون شهر کان اچي تاج ڪامپليڪس، صدر ۽ ڪينٽ جي علائقن تائين وينديون هيون. مسافرن جي سهولت لاءِ مفت شٽل سروس شروع ڪئي وئي آهي جيڪا اڄ به جاري آهي. هن چيو ته شهري تاج ڪامپليڪس، ڪينٽ ۽ ٻين هنڌن تان ان شٽل سروس ذريعي بغير ڪنهن ڀاڙي جي سفر ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ڪراچيءَ کان ٻين شهرن لاءِ سفر ڪندڙ مسافر به ان سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. سينئر وزير چيو ته مفت شٽل سروس هڪ مهانگو انتظام آهي، تنهن هوندي به ڪراچيءَ جي شهرين ۽ پوري پاڪستان جي ماڻهن کي سنڌ حڪومت جي انهن قدمن جي تعريف ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو مقصد عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن شهرين تي زور ڀريو ته ٽريفڪ نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مسافرن کي گهرجي ته اهي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪن، ذميواريءَ سان سفر ڪن ۽ ٽريفڪ قوانين جي پابندي ڪن ته جيئن روڊن رستن جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي سگهي.












