حيدرآباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل مقابلي واري امتحان (CCE-2025) جي لکت واري امتحان لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اهل اميدوارن جا ايڊمٽ ڪارڊ ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن.ڪميشن پاران اميدوارن جي سهولت لاءِ امتحان جي جوابي ڪاپين ۾ صفحن جو تعداد وڌايو ويو آهي، جيئن اميدوارن کي جواب مڪمل ڪرڻ لاءِ گھربل اسپيس فراهم ٿي سگهي. …
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل مقابلي واري امتحان (CCE-2025) جي لکت واري امتحان لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا
حيدرآباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل مقابلي واري امتحان (CCE-2025) جي لکت واري امتحان لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اهل اميدوارن جا ايڊمٽ ڪارڊ ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن.ڪميشن پاران اميدوارن جي سهولت لاءِ امتحان جي جوابي ڪاپين ۾ صفحن جو تعداد وڌايو ويو آهي، جيئن اميدوارن کي جواب مڪمل ڪرڻ لاءِ گھربل اسپيس فراهم ٿي سگهي. ڪميشن واضح ڪيو آهي ته امتحاني عمل دوران ڪنهن به صورت ۾ اضافي يا سپليمينٽري شيٽ فراهم نه ڪئي ويندي. اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو موجود صفحن کي بهتر نموني استعمال ڪن.ڪميشن وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته جوابي ڪاپي جمع ڪرائڻ کان اڳ تمام خالي ۽ غير استعمال ٿيل صفحن کي ڪراس ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ جوابي ڪاپي امتحاني عملي حوالي ڪئي وڃي.ڪميشن پاران امتحاني مرڪزن اندر موبائل فون ۽ هر قسم جا برقي اوزار سختي سان منع قرار ڏنا ويا آهن، جنهن بابت اميدوارن کي ايڊمٽ ڪارڊن تي پڻ واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن. ھوڏانھن ايس پي ايس سي پاران جوابي ڪاپي ۾ ڄاڻايل ھدايتن بابت تفصيلي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آھي.












