اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته جاچ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ جي مرحلي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي فوجداري انصاف جي معيار تي سڌي ريت اثر انداز ٿيندي آهي، پيشيوراڻي جاچ ۽ معياري ثبوت موثر ۽ منصفاڻو نظام فوجداري انصاف لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. سپريم ڪورٽ جي عوامي رابطن واري شعبي مان جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان سان …
فوجداري انصاف جي معيار جو دارومدار پيشيوراڻي جاچ ۽ معياري ثبوتن تي آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته جاچ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ جي مرحلي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي فوجداري انصاف جي معيار تي سڌي ريت اثر انداز ٿيندي آهي، پيشيوراڻي جاچ ۽ معياري ثبوت موثر ۽ منصفاڻو نظام فوجداري انصاف لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. سپريم ڪورٽ جي عوامي رابطن واري شعبي مان جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان سان ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي سعد اختر ڀروانه ۽ ڊين نسٽ لا اسڪول محمد نواز واهله سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نيشنل پوليس اڪيڊمي ۽ فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي وچ ۾ اداره جاتي تعاون جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، چيف جسٽس کي پوليس آفيسرن جي تربيتي پروگرامز کان آگاهه ڪيو. چيف جسٽس چيو ته ٻنهي ادارن وچ ۾ تعاون سان پوليس آفيسرن جي فوجداري قانون، جاچ طريقيڪار، ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ ڪيسن جي تياري بابت صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن پيشيوراڻي، قانون کان آگاهه ۽ حقن جو احترام ڪندڙ پوليس آفيسرن جي تربيت ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڊين نسٽ لا اسڪول، چيف جسٽس کي اداري جي قانوني تعليم جي پروگرامز کان آگاهه ڪيو جڏهن ته نسٽ لا اسڪول ۽ فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي وچ ۾ تعاون جي تجويز تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چيف جسٽس چيو ته پوليس آفيسر ۽ قانون جا شاگرد انصاف جي فراهمي جي نظام جي اهم حصيدار آهن. معياري قانوني تعليم بار ۽ نتيجا عدالتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. هن مستقبل جي باصلاحيت ۽ پيشيوراڻي قانوني ماهرن جي تياري ۾ نسٽ لا اسڪول جي ڪردار کي ساراهيندي ٻنهي ادارن جي فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي سان تجويز ڪيل تعاون جي آجيان ڪئي. چيف جسٽس صلاحيت، اداره جاتي سکڻ ۽ انصاف واري نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل قدمن ۾ هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي.












