اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته گذريل 15 سالن دوران اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جا ثمر عوام تائين نه پهچي سگهيا، ان لاءِ موثر عوامي خدمتن ۽ پائيدار ترقي لاءِ اختيار ۽ وسيلا مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪرڻا پوندا. هو اربع ڏينهن انٽيگريٽڊ لينڊ اينڊ واٽر يوز پلاننگ جي حوالي سان قومي افتتاحي ورڪشاپ …
موثر عوامي خدمتن ۽ پائيدار ترقي لاءِ اختيار ۽ وسيلا مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪرڻا پوندا: احسن اقبال
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته گذريل 15 سالن دوران اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جا ثمر عوام تائين نه پهچي سگهيا، ان لاءِ موثر عوامي خدمتن ۽ پائيدار ترقي لاءِ اختيار ۽ وسيلا مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪرڻا پوندا. هو اربع ڏينهن انٽيگريٽڊ لينڊ اينڊ واٽر يوز پلاننگ جي حوالي سان قومي افتتاحي ورڪشاپ ۽ ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ جي شروعات کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته اختيارن جي منتقلي مسئلو ناهي پر ان تي عملدرآمد جو دائرو صوبائي سطح تي رڪجي ويو آهي. 2010ع ۾ 18 هين آئيني ترميم ذريعي صوبن کي اهم اختيار منتقل ڪيا ويا جڏهن ته مقامي حڪومتن کي انهي تناسب سان اختيار ۽ وسيلا فراهم نه ڪيا ويا. هن چيو ته جيڪڏهن مقامي حڪومت کي ڪا ذميواري ته ڏني وڃي پر ان سان گڏ اختيار ۽ وسيلا نه هجن ته اها ذميوار بار بڻجي ويندي آهي. اختيار صوبن کان ضلعن ۽ بلدياتي حڪومتن تائين به منتقل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان کي اهڙو ترقياتي نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ موثر رابطا ۽ مقامي ادارن کي بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن قومي ترجيحن کي بهتر عوامي خدمتن ۽ عملي نتيجن ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن چيو ته هي قدم خاص ڪري زراعت لاءِ انتهائي اهم آهي جيڪو قومي معيشت، روزگار، غذائي تحفظ ۽ روانگي واپار جو اهم ذريعو آهي. پاڪستان پنهنجي زرعي وسيلن باوجود ساليانو اٽڪل 4 کان 5 ارب ڊالرن جي زرعي مصنوعات درآمد ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ملڪ کي زرعي امپورٽ تي ڀاڙڻ گهٽ ڪري پيداواري صلاحيت ۾ اضافي، زمين ۽ پاڻي جي وسيلن جي موثر استعمال ذريعي فوڊ ايڪسپورٽنگ اڪانومي بڻجڻو پوندو. وفاقي وزير خوراڪ، زمين ۽ پاڻي بابت مسئلن جي حل لاءِ وفاق ۽ صوبن تي ٻڌل گڏيل قومي فريم ورڪ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته وکريل ڪوششن سان پائيدار نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، هن زمين هيٺ پاڻي جي بي دردي سان استعمال کي منظم ڪرڻ، پاڻي ذخيرن جي پائيدار صلاحيت جو جائزو وٺڻ ۽ زمين هيٺ پاڻي جي ٻيهر ڀرائي جي قدمن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. احسن اقبال چيو ته سولر پمپس زمين اندران پاڻي ڪڍڻ آسان بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سبب ان جي موثر ضابطي جي ضرورت وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن چيو ته انٽيگريٽڊ لينڊ اينڊ واٽر يوز پلاننگ جو قدم زرعي زمين جي تحفظ، شهري پکيڙ جي انتظام ۽ ملڪ جي مستقبل جي غذائي ۽ آبي ضرورتن جي تحفظ لاءِ ثبوتن تي ٻڌل فريم ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وفاقي وزير ان قدم کي فائيو ايز فريم ورڪ سان ڳنڍيندي چيو ته غذائي ۽ آبي تحفظ هڪ مستحڪم، پائيدار ۽ اوسر جي بلند شرح رکندڙ معيشت لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. ملڪ کي درپيش وسيع ترقياتي چئلينج جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان هميشه وڏا ۽ بلند حوصلي وارا منصوبا ٺاهڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ته اصل مسئلو انهن منصوبن تي عملدرآمد جو رهيو آهي، هن چيو ته مسئلو اهو ناهي ته اسان منصوبا ٺاهڻ نٿا ڄاڻون، اسان ڪيترائي بهترين منصوبا ٺاهي سگهون ٿا پر اسان جو مسئلو ان تي عمل ڪرڻ آهي، احسن اقبال چيو ته پاڪستان هن وقت هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي ۽ ماضيءَ جي غلطين کي ورجائڻ جي سَٽ سهي نٿو سگهي. هن چيو ته ترقياتي حڪمت عملين تي موثر عملدرآمد ۽ اجتماعي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اسان يا ته تَري سگهون ٿا يا ٻُڏي سگهون ٿا، ٽيون ڪو به رستو ناهي، تنهن ڪري اسان کي ترڻو پوندو.












