سردار اياز صادق پاران بلوچستان ۾ ڪامياب ڪارروائين دوران 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، بلوچستان ۾ ڪامياب ڪارروائين دوران 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعزيف ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ صلاحيتن تي قوم کي فخر آهي، غير ملڪي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، بلوچستان ۾ ڪامياب ڪارروائين دوران 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعزيف ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ صلاحيتن تي قوم کي فخر آهي، غير ملڪي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو عزم تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگردي خلاف ڪارروائيون واکاڻ جوڳيون آهن، پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.