پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ مسلسل واڌ سان پاڪستان جي پرڏيهي کاتن کي سهارو ملي رهيو آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ مسلسل واڌ سان پاڪستان جي پرڏيهي کاتن کي سهارو ملي رهيو آهي ۽ ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن تي به هاڪاري اثر پئجي رهيا آهن. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 27-2026ع جي شروعاتي ٻن مهينن دوران پرڏيهه ۾ …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ مسلسل واڌ سان پاڪستان جي پرڏيهي کاتن کي سهارو ملي رهيو آهي ۽ ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن تي به هاڪاري اثر پئجي رهيا آهن. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 27-2026ع جي شروعاتي ٻن مهينن دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان مجموعي طور تي 7.29 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان اماڻيل ناڻو مليو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ان ئي مدي جي ڀيٽ ۾ 14.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ 2026ع ۾ پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 3.656 ارب ڊالر رهيو جيڪو آگسٽ 2025ع جي ڀيٽ ۾ 16.5 سيڪڙو جڏهن ته جولاءِ 2026ع جي ڀيٽ ۾ 0.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال وانگر جاري مالي سال دوران به پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ اضافي جو رجحان جاري آهي، گذريل مالي سال دوران پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 41.6 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. هن چيو ته پرڏيهه مان اماڻيل ناڻو لکين پاڪستاني گهراڻن جي آمدني جو اهم ذريعو هجڻ کانسواءِ ملڪ جي پرڏيهي ادائيگين جي صلاحيت ۽ پرڏيهي شعبي جي مجموعي مضبوطي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي جي مضبوط وهڪري سان پاڪستان جي پرڏيهي مالياتي دٻاءُ ۾ گهٽتائي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي بفرز ۾ بهتري ۽ معيشت ۾ پرڏيهي لوڏن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ مستحڪم ٿيڻ جي اميد آهي.