اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي اهلڪارن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته 11 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت ۽ وقت سر ڪارروائي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته وطن جي امن لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون لازوال …
وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي اهلڪارن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته 11 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت ۽ وقت سر ڪارروائي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته وطن جي امن لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون لازوال قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن ۽ قوم بلوچستان جي سرزمين کي شرپسندن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. حنيف عباسي چيو ته دهشتگرد عنصر پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جيستائين دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي رياستي ادارن ۽ قوم جو پختو عزم برقرار رهندو.












