اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 62 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 62 هزار 9 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي واڌ کانپوءِ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ، في تولو 4 لک 62 هزار 936 رپين جو ٿي ويو
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 62 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 62 هزار 9 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 96 هزار 207 رپين مان وڌي 3 لک 96 هزار 893 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 63 هزار 202 رپين مان وڌي 3 لک 63 هزار 880 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 72 روپين جي واڌ کانپوءِ 7141 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 62 رپين جي واڌ کانپوءِ 6122 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4396 ڊالرز مان وڌي 4404 ڊالرز ٿي وئي آهي.











