سنڌ جي وڏي وزير پاران بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ذريعي سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. سيڪيورٽي …

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ذريعي سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪري دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي.هن چيو ته وطن جي دفاع ۽ ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن.وزيراعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽڻ لاءِ پوري قوم متحد آهي ۽ ملڪ جي امن ۽ سلامتي خلاف سازشن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو.