اسلام آباد - 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ اڳوڻن وفاقي وزيرن سينيٽر نورالحق قادري ۽ سينيٽر اعظم خان سواتي جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران ملڪ جي مجموعي امن امان ۽ سياسي صورتحال بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اڳوڻن وفاقي وزيرن سينيٽر نورالحق قادري ۽ سينيٽر اعظم خان سواتي سميت مُختلف شخصيتن جي ملاقات
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ اڳوڻن وفاقي وزيرن سينيٽر نورالحق قادري ۽ سينيٽر اعظم خان سواتي جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران ملڪ جي مجموعي امن امان ۽ سياسي صورتحال بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي نمائندن جي هڪ وفد پڻ وقتي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي پنهنجي علائقن بابت معاملن کان آگاهه ڪيو. وفد ۾ ملتان مان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي جو ٽڪيٽ هولڊر بئريسٽر مدثر شاهه، پيپلزپارٽي لوڌران جو ضلعي صدر امداد الله عباسي ۽ ڪبير والا، خانيوال ضلعي مان پيپلزپارٽي جو ٽڪيٽ هولڊر زمان لنگڙيال شامل هئا. بعد ۾ علي عمر علوي پڻ وقتي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.












