وفاقي گهرو وزير پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ گهرو وزير وقت سر ڪارروائي ذريعي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته 11 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي …

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ گهرو وزير وقت سر ڪارروائي ذريعي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته 11 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي هو بهادر جوانن کي سلام پيش ڪري ٿو. محسن نقوي عزم ظاهر ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ دشمن عنصرن ۽ پرڏيهي پٺڀرائي ۾ پلجندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. فورسز جا بهادر جوان قوم جو سرمايو آهن ۽ سڄي قوم دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ پنهنجي جوانن سان گڏ بيٺل آهي.