وفاقي گهرو وزير پاران اپ گريڊ ٿيل آبپاره ٿاڻي جو افتتاح

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ملڪ جي گادي واري هنڌ جي ٿاڻن کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ جي منصوبي تحت نئين سر تعمير کانپوءِ آبپاره جي ٿاڻي جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو.  افتتاح کانپوءِ گهرو وزير ٿاڻي جي مختلف شعبن سميت ايس ايڇ او آفيس، ڊي آر سي، انڪوائري آفيس ۽ ويٽنگ ايريا جو معائنو ڪيو ۽ ڪائونٽرز تي شهرين کي فراهم …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ملڪ جي گادي واري هنڌ جي ٿاڻن کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ جي منصوبي تحت نئين سر تعمير کانپوءِ آبپاره جي ٿاڻي جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو.  افتتاح کانپوءِ گهرو وزير ٿاڻي جي مختلف شعبن سميت ايس ايڇ او آفيس، ڊي آر سي، انڪوائري آفيس ۽ ويٽنگ ايريا جو معائنو ڪيو ۽ ڪائونٽرز تي شهرين کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو جائزو وٺي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ڊسپيوٽ ريزوليشن ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪري سندن ڪردار کي به ساراهيو. محسن نقوي پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ان منصوبي جو بنيادي مقصد عوام کي جديد، باوقار ۽ عوام دوست پوليسنگ جو ماحول فراهم ڪرڻ اهي. هن تاڪيد ڪئي ته  سائلن جي داد رسي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، شهرين جي درخواستن تي بنا دير جي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ ڪنهن کي شڪايت جو منهن نه ڏسڻو پوي ۽ ٿاڻن ۾ ايندڙ هر شهري سان خوش اخلاقي ۽ ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو وڃي.