سپريم ڪورٽ پاران ڀارت کان لڏي پاڪستان آيل بيواهه کي الاٽ ڪيل زمين تي رشتيدارن جي دعويٰ رد

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ڀارت کان لڏي پاڪستان آيل بيواه نواب بي بي جي حق ۾ اهم فيصلو جاري ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو سال 2000ع جو حڪم ۽ 2014ع جو  هاءِ ڪورٽ  جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلو جسٽس جمال خان مندوخيل لکيو آهي. سپريم ڪورٽ تفصيلي لکت واري فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته عبدالڪريم پاڪستان ٺهڻ کان اڳ …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ڀارت کان لڏي پاڪستان آيل بيواه نواب بي بي جي حق ۾ اهم فيصلو جاري ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو سال 2000ع جو حڪم ۽ 2014ع جو  هاءِ ڪورٽ  جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلو جسٽس جمال خان مندوخيل لکيو آهي. سپريم ڪورٽ تفصيلي لکت واري فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته عبدالڪريم پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو جڏهن ته جنهن زمين تي ڌرين حصي لاءِ دعويٰ ڪئي اها ڪڏهن عبدالڪريم جي ملڪيت رهي ئي ناهي. عدالت موجب عبدالڪريم جي بيواهه نواب بي بي پاڪستان ٺهڻ کاپوءِ ذاتي حيثيت ۾ مستقل آبادڪاري لاءِ زمين جي الاٽمينٽ جي درخواست ڏني هئي. درخواست ڀارت ۾ لڏپلاڻ سبب ڇڏيل زمين جي عيوض پاڪستان ۾ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي وئي هئي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته چيف سيٽلمينٽ اٿارٽيز  بيواهه جي درخواست منظور ڪندي 1963ع ۾ ان کي زمين الاٽ ڪئي هئي. ان کانپوءِ نواب بي بي الاٽ ڪيل زمين پنهنجي ڌيءَ کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي جنهن کي ڌرين چئلينج ڪري ڇڏيو. عدلت قرار ڏنو ته جائيداد هڪ بي گهر لڏي آيل بيواهه عورت کي الاٽ ڪئي وئي هئي جڏهن ته ڌرين نه ته ڀارت کان لڏي اچڻ جي دعويٰ ڪئي نه ئي پاڻ کي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو طور پيش ڪيو. سپريم ڪورٽ موجب مرحوم عبدالڪريم جي رشتيدار جو جائيداد تي دعويٰ صرف ڀارت ۾ ڇڏيل زمين جي حد تائين ٿي سگهي ٿي، پاڪستان ۾ الاٽ ڪيل ان زمين تي نه، جيڪا عبدالڪريم جي ملڪيت ڪڏهن رهي ئي ناهي. عدالت قرار ڏنو ته ٽرائيل ڪورٽ جو سال 2000ع جو حڪم ۽ هاءِ ڪورٽ جو 2014ع جو فيصلو برقرار نٿو رهي سگهي تنهن ڪري ٻنهي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.