پاڪستاني سفير خليل هاشمي جي بيجنگ ۾ الوداعي تقريب، ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي خراج تحسين پيش، چين جي دوستن ۽ ساٿين جو ٿورو مڃيو

بيجنگ-09 سيپٽمبر (اي پي پي)چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي جي سفارتي ذميوارين جي تڪميل تي پاڪستان هائوس بيجنگ ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ چيني عملدارن، سفارتڪارن، پاڪستاني ڪميونٽي، ميڊيا نمائندن، ڪاروباري شخصيتن ۽ سفارتي برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي، تقريب ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي ۽ اداره جاتي سطح تي موجود وسيع رابطي جي عڪاسي ڪئي. پاڪستاني سفير خليل هاشمي چين ۾ پنهنجي اٽڪل 34 مهينن …

بيجنگ-09 سيپٽمبر (اي پي پي)چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي جي سفارتي ذميوارين جي تڪميل تي پاڪستان هائوس بيجنگ ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ چيني عملدارن، سفارتڪارن، پاڪستاني ڪميونٽي، ميڊيا نمائندن، ڪاروباري شخصيتن ۽ سفارتي برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي، تقريب ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي ۽ اداره جاتي سطح تي موجود وسيع رابطي جي عڪاسي ڪئي. پاڪستاني سفير خليل هاشمي چين ۾ پنهنجي اٽڪل 34 مهينن جي سفارتي دور جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ جي مختلف حصن جي وسيع دورن کيس چين جي ترقياتي تجربي ۽ عالمي تعاون جي حوالي سان ان جي موقف کي بهتر طور تي سمجهڻ جو موقعو ڏنو، انهن تجربن مان کيس گڏيل ترقي، گڏيل سلامتي ۽ گڏيل تهذيب تي ٻڌل قدمن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي. هن چي ته انهن تجربن ذريعي هو گڏيل خوشحالي، گڏيل ترقي، گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون ۽ گڏيل مستقبل جهڙن تصورن کي به بهتر طور تي سمجهي سگهيو. هن چيو ته چين جي ترقي پويان موجود ڏاهپ ۽ ڊگهي مدي واري سوچ کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. هن جو چوڻ هو ته سندس سفارتي دور دوران پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي صرف حڪومت کان حڪومت تائين محدود رکڻ بدران ڪاروباري ادارن وچ ۾ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. هن مختلف قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته چين جي عظيم ديوار تي پاڪستان – چين فيشن شو، ثقافتي ڪنسرٽس، انبن جي ميلن ۽ چينگڊو ۾ پاڪستان فوڊ فيسٽيول جهڙا پروگرام ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ ثقافتن کي هڪٻئي کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ اهم ذريعا ثابت ٿيا. اسان ڪاروباري سطح سان گڏوگڏ عوامي سطح تي به تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهياسين. هن چين ۾ چار نوان پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي قيام کي به اهم اڳڀرائي قرار ڏنو جيڪي شين زين، شان ڊونگ، لياوننگ ۽ هانگ زو ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هي پاڪستان ۽ چين جي دوستي، گڏيل سمجهه ۽ وڌيڪ ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهترين پليٽ فارمز آهن.  خليل هاشمي پنهنجي سفارتي دور دوران دوستي، تعاون ۽ حمايت تي چيني عملدارن ۽ ساٿين جو خصوصي ٿورو مڃيندي چيو ته اوهان جي حمايت، مدد ۽ دوستي کانسواءِ پاڪستان ۽ چين لاءِ اسان جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا اهو ممڪن نه هو. هن پاڪستان جي سفارتخاني ۽ چين ۾ پاڪستاني قونصل خانن جي ساٿين جو به ٿورو مڃيندي پنهنجي دور ۾ حاصل ٿيل ڪاميابين کي بهترين ٽريم ورڪ جو نتيجو قرار ڏنو.