خودڪشي کان تحفظ جو عالمي ڏهاڙو خميس تي ملهايو ويندو

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به خودڪشي کان تحفظ جو عالمي ڏهاڙو ( ورلڊ سوسائيڊ پريوينشن ڊي) خميس 10 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏهاڙي کي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي خودڪشي کان بچاءَ جو شعور اجاگر ڪرڻ، سماجي، معاشي ۽ ذهني صحت جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ آهي. ان سلسلي ۾ انساني حقن جي تنظيمن، مختلف سرڪاري، غير سرڪاري …

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به خودڪشي کان تحفظ جو عالمي ڏهاڙو ( ورلڊ سوسائيڊ پريوينشن ڊي) خميس 10 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏهاڙي کي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي خودڪشي کان بچاءَ جو شعور اجاگر ڪرڻ، سماجي، معاشي ۽ ذهني صحت جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ آهي. ان سلسلي ۾ انساني حقن جي تنظيمن، مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ادارن ۽ سول سوسائٽي جي انتظام هيٺ سڄي مُلڪ ۾ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جنهن کي مختلف سياسي، ديني، مذهبي، عوامي، سماجي تنظيمن جا اهم اڳواڻ ۽ دانشور ۽ علما ومشائخ خطاب ڪندا. ان موقعي تي عوام کي خودڪشي خلاف شعور فراهم ڪيو ويندو، ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا ته جئين معاشري ۾ خودڪشين جي وڌندڙ رجحانن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.