اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 34 هزار 700 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 34 هزار 700 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 20 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 11 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 42 هزار 600 ڪيوسڪ، ڇوڙ 2 لک 11 هزار 700 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 20 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 67 هزار 900 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 81 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 38 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1549.38 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.544 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1222.05 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.733 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.60 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.240 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.












