مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پاران آمريڪن اڪيڊمي آف انوائرنمينٽل انجنيئرس اينڊ سائنٽسٽس جي شاخ جو افتتاح

حيدرآباد - 9 سيپٽمبر(اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، مهراڻ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انوائرنمينٽل انجنيئرنگ اينڊ مينيجمينٽ ۾ آمريڪن اڪيڊمي آف انوائرنمينٽل انجنيئرس اينڊ سائنٽسٽس جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ قائم ٿيل شاخ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته آمريڪن سوسائٽيز قائم ٿيڻ ۽ اهڙيون شاخون کلڻ سان شاگردن جي پيشيور صلاحيتن ۽ تربيت …

حيدرآباد – 9 سيپٽمبر(اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، مهراڻ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انوائرنمينٽل انجنيئرنگ اينڊ مينيجمينٽ ۾ آمريڪن اڪيڊمي آف انوائرنمينٽل انجنيئرس اينڊ سائنٽسٽس جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ قائم ٿيل شاخ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته آمريڪن سوسائٽيز قائم ٿيڻ ۽ اهڙيون شاخون کلڻ سان شاگردن جي پيشيور صلاحيتن ۽ تربيت ۾ بهتري ايندي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ هن کان اڳ ڪيميڪمل، سول، پيٽروليم ۽ ٻين شعبن ۾ اهڙيون سوسائٽيز قائم آهن انوائرنمينٽل انسٽيٽيوٽ جي شاگردن ۽ استادن جي ڪوشش سان قائم ٿيل هي شاخ مهراڻ يونيورسٽي جي ماحولياتي شعبي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي. افتتاحي تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، انوائرنمينٽل انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد صفر ڪورائي ۽ ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر شيراز ميمڻ ۽ نئين کليل شاخ جي عهديدار شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.