پائيدار قومي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پائيدار قومي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي، پاڪستان جي جمهوري طاقت، معاشي ترقي ۽ سماجي هم آهنگي ان وقت تائين مڪمل طور تي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي جيستائين عورتون ادارن، معيشت ۽ مستقبل جي جوڙجڪ ۾ برابر طور تي حصو نه وٺن، مالياتي ادارا عورتن جي مالي مدد …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پائيدار قومي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي، پاڪستان جي جمهوري طاقت، معاشي ترقي ۽ سماجي هم آهنگي ان وقت تائين مڪمل طور تي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي جيستائين عورتون ادارن، معيشت ۽ مستقبل جي جوڙجڪ ۾ برابر طور تي حصو نه وٺن، مالياتي ادارا عورتن جي مالي مدد کي يقيني بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن هتي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اهتمام هيٺ پاڪستان وومين ليڊرشپ اينڊ پاليسدي سمٽ 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وقتي صدر اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ سمورن حصيدارن کي ان اهم فورم منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سمٽ ٻن لازمي قومي ترجيحن عورتن جي قيادت ۽ موثر عوامي پاليسي کي هڪ ڪري ٿي. هن چيو ته ملڪ جي ڀرپور معاشي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻن جي لاءِ اهو يقيني بڻائڻو پندو ته عورتون رڳو ترقي مان فائدو کڻندڙ نه هجن پر ڪاروباري شخصيتن، پيشيور ماڻهن، پاليسي سازن، جدت ڪارن ۽ قائدين جي حيثيت سان ان جون فعال محرڪ به هجن، ڪنهن به پس منطر يا علائقي سان تعلق رکندڙ عورتن کي تعليم، مالي وسيلن، ٽيڪنالاجي، منڊين ۽ فيصلاسازي تائين برابر پهچ حاصل هجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي مالي مدد سڌوسنئون عورتن جي هٿن ۾ پهچائڻ سان گهرن جي اندر معاشي فيصلاسازن جي طور تي انهن جي ڪردار کي سگهه ملي، اهي باوقار مدد ۽ دارومدار سان بااختياري طرف تبديلي جي نمائندگي ڪن ٿيون. هن عورتن جي برابر شرڪت، تحفظ ۽ قيادت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ڪا محدود سماجي فڪرمندي نه آهي پر اها قومي ترقي جي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. هن زور ڀريو ته مالي وسيلن تائين پهچ، ڊيجيٽل شموليت، عورتن جي قيادت هيٺ ڪاروبار، محفوظ ڪم جي جاين، قيادت جي ترقي، رهنمائي ۽ مضبوط مارڪيٽ رابطن تي ڌيان ڏيندي هڪ عملي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وقتي صدر چيو ته اسان کي گڏجي اهڙو ماحول جوڙڻو پوندو جتي ڪنهن عورت وٽ ڪو ڪاروباري آئيڊيا هجي ته اها ان جي لاءِ مالي مدد حاصل ڪري سگهي، هڪ عورت ڪاروباري شخصيت مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي، پنهنجي قابليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي اڳتي وڌي سگهي ۽ صنف جي بنياد تي لاڳو رڪاوٽن کانسواءِ مستقبل ۾ قيادت جو خواب ڏسي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ اسان کي انهن عورتن جا طاقتور مثال فراهم ڪري ٿي جن رڪاوٽون ختم ڪيون ۽ ملڪ جي قومي سفر کي جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني محترمه فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان، بيگم شائسته اڪرام الله ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ذڪر ڪندي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته عورتون اسان جي قومي ترقي ۾ سدائين اهم حيثيت رکنديون رهيون آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ان سفر ۾ هڪ خاص تاريخي مقام حاصل آهي ڇو ته هوءَ مسلم اڪثريتي ملڪ جي قيادت ڪندڙ پهرين عورت هئي. وقتي صدر چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو اهڙيون رڪاوٽون ٽوڙيون جن تي ضابطو آڻڻ  ڊگهي عرصي تائين ناممڪن ڏسڻ ۾ ايندو هو. سندس ميراث اڄ به عورتن کي عوامي زندگي ۾ اچڻ، ادارن جي قيادت ڪرڻ ۽ قومي فيصلاسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ جذبو ڏي ٿي. هن چيو ته اسان جو گڏيل مقصد اهڙو نظام جوڙڻ هجڻ گهرجي جيڪو رڪاوٽون ختم ڪري ۽ برابر موقعا يقيني بڻائي عورتن کي ڪامياب ٿيڻ جي قابل بڻائي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي اهڙي معيشت جوڙڻي پوندي جتي عورتون اعتماد سان ڪاروبار قائم ڪري سگهن، اهڙيون ڪم جون جايون جتي اهي وقار سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، اهڙا ادارا جتي اهي اختيار سان قيادت ڪري سگهن ۽ اهڙي جمهوريت جتي عورتن جي شرڪت رڳو علامتي نه هجي پر ان جو لازمي حصو هجي. هن مالياتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي عورتن جي لاءِ سرمائي تائين پهچ آسان بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وقتي صدر چيو ته تعليمي ادارن کي لاڳاپيل مهارتون فراهم ڪرڻيون پونديون جڏهن ته نجي شعبي کي جامع ۽ باوقار ڪم جون جايون جوڙڻيون پونديون. هن چيو ته چيمبرز آف ڪامرس رهنمائي، رابطن، مارڪيٽ تائين پهچ ۽ عورتن جي قيادت هيٺ ڪاروبارن جي مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جڏهن عورتون قيادت ڪن ٿيون ته خاندان خوشحال ٿين ٿا، جڏهن عورتون معاشي زندگي ۾ مڪمل طور تي شريڪ ٿين ٿيون ته قومون ترقي ڪن ٿيون ۽ جڏهن عورتون عوامي پاليسي جي جوڙجڪ ۾ مدد ڪن ٿيون ته جمهوريت وڌيڪ نمائنده، موثر ۽ منصفاڻي بڻجي ٿي. وقتي صدر پاڪستان وومين ليڊرشپ اينڊ پاليسي سمٽ 2026ع جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمايان ميمبرن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا. وقتي صدر کي اسلام آباد چيمبر پاران شيلڊ پيش ڪئي وئي.