ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين پاران مُختلف سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار، ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي هدايت

بدين- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين عبدالقدوس ميمڻ صحت، روينيو، پوليس، ايڪسائيز، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ جي صدارت ۾ ضلعي جي سمورن کاتن جي آفيسرن جي ڪوآرڊينيشن گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي، عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن …

بدين- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين عبدالقدوس ميمڻ صحت، روينيو، پوليس، ايڪسائيز، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ جي صدارت ۾ ضلعي جي سمورن کاتن جي آفيسرن جي ڪوآرڊينيشن گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي، عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي بروقت حل بابت لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ ورتي وئي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي، ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي سميت سڀني کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انڊس اسپتال بدين جي ڪارڪردگي تي خدشا ڏيکاريندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هيڊ آف ڪيمپس ڊاڪٽر سڪندر علي ميمڻ کي چيو ته ضلعي جي وڏي اسپتال ۾ گهربل طبي سهولتون موجود هجڻ باوجود مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن ريفر ڪرڻ جو عمل ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته مريضن کي انڊس اسپتال ۾ ئي وڌ کان وڌ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن غريب ۽ مستحق مريضن کي علاج لاءِ ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ جي تڪليف برداشت نه ڪرڻي پوي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج چيف ميونسپل آفيسر بدين جي ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي شهر ۾ ڇتن ڪتن، مڇرن ۽ صفائي سٿرائي جي ناقص صورتحال جو نوٽيس وٺندي چيو ته مڇرن جي واڌ سبب مليريا ۽ ٻين بيمارين جا ڪيس وڌڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڇتن ڪتن جي چڪ سبب ريبيز جهڙي موذي مرض جا ڪيس سامهون اچن پيا، جنهن سان انساني جانين کي سنگين خطرا لاڳو ٿي ويا آهن، هن شهر جي روڊن ۽ رستن تي بيٺل گندي ۽ گٽرن جي پاڻي جي فوري نيڪال جي هدايت ڪندي چيو ته خالي پيل پلاٽن ۾ بيٺل گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ پلاٽ مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته مڇرن جي وڌندڙ آزار سبب شهرين لاءِ سج لهڻ کان پوءِ گهرن جي اڱڻن ۾ ويهڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، تنهن ڪري مڇرن جي خاتمي لاءِ عملي ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن روڊن جي ڪنارن تي قائم وڻن جي نرسرين بابت هدايت ڪندي هن چيو ته گٽر لائنن مٿان قائم نرسرين کي هٽايو وڃي، جڏهن ته باقي نرسرين ۾ صفائي سٿرائي جا مناسب انتظام ڪيا وڃن ته جيئن بيٺل پاڻي سبب مڇرن جي واڌويجهه کي روڪي سگهجي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين عبدالقدوس ميمڻ بلڊنگ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته بس اسٽاپن، عدالتن ۽ اسپتالن ۾ عورتن لاءِ الڳ واش رومز جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، جيئن ڏورانهن علائقن مان ايندڙ عورتن کي سهولت ۽ عزت سان بنيادي ضرورت پوري ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي، هن پوليس سرجن کي هدايت ڪئي ته قتل، زنا ۽ ٻين سنگين  ڪيسن ۾ ڪيميڪل ۽ فرانزڪ رپورٽن جي دير سان اچڻ واري معاملي کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته رپورٽن ۾ دير سبب ڪيسن جي فيصلن ۾ به دير ٿئي ٿي، جنهن سان عوام کي جلد انصاف جي فراهمي جو عمل متاثر ٿئي ٿو روينيو کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين چيو ته عوام جا روزمره ۽ روٽين وارا ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته روينيو کاتي جي معاملن ۾ غيرضروري دير سبب شهري عدالتن سان رجوع ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، جنهن سان عدالتن تي ڪيسن جو بار وڌي ٿو ۽ ٻين اهم ڪيسن جي ٻڌڻين ۽ فيصلن جو عمل پڻ متاثر ٿئي ٿو، نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالجبار شيخ کي هدايت ڪندي هِن چيو ته ايف آر سي ۽ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ايندڙ شهرين جي درخواستن ۽ فارمن تي بنا جواز اعتراض نه لڳايا وڃن. هن چيو ته ايف آر سي ۾ شامل غلط ماڻهن جا نالا قانوني طريقيڪار تحت ختم ڪرڻ لاءِ پڻ سهولت فراهم ڪئي وڃي، جيئن شهرين کي غيرضروري پريشاني کان بچائي سگهجي. ٻيلي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي هن چيو ته ضلعي ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي وڃي، سرڪاري وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي کي روڪيو وڃي ۽ ٻيلي کاتي جي اجازت کانسواءِ ڪاٺ سان ڀريل ڪنهن به گاڏي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ نه ڏنو وڃي. آخر ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين عبدالقدوس ميمڻ چيو ته عوام کي انصاف جي فراهمي عدليه جي پهرين ترجيح آهي. عدالتن ۾ ميرٽ، قانون ۽ دستياب شاهدين جي بنياد تي فيصلا ڪيا ويندا آهن، قانون کان مٿانهون ڪير به ناهي ۽ هر شخص کي قانون جي دائري ۾ رهڻو پوندو.