23هين هيلٿ ايشيا ڪانفرنس صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي جو نئون باب هوندي

اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان جي سڀ کان وڏي صحت بابت نمائش ۽ ڪانفرنس 23هين هيلٿ ايشيا انٽرنيشنل ايگزهيبيشن اينڊ ڪانفرنس 2026ع، 10 کان 12 سيپٽمبر تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي. ايس آءِ ايف سي موجب نمائش خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي )، قومي صحت واري وزارت ۽ اي ڪامرس اينڊ گيٽ وي جي سهڪار سان منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ طبي عالمي …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان جي سڀ کان وڏي صحت بابت نمائش ۽ ڪانفرنس 23هين هيلٿ ايشيا انٽرنيشنل ايگزهيبيشن اينڊ ڪانفرنس 2026ع، 10 کان 12 سيپٽمبر تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي. ايس آءِ ايف سي موجب نمائش خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي )، قومي صحت واري وزارت ۽ اي ڪامرس اينڊ گيٽ وي جي سهڪار سان منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ طبي عالمي ماهر، طبي ادارا، دواساز ڪمپنيون، سيڙپڪار ۽ پاليسي ساز شرڪت ڪندا. هيلٿ ايشيا 2026ع ۾ 400 کان به وڌيڪ ملڪي ۽ عالمي برانڊز پنهنجي مصنوعات ۽ جديد طبي خدمتون پيش ڪندا جڏهن ته 30 کان به وڌيڪ عالمي نمائنده ۽ 270 کان وڌيڪ مقامي صحت جا ماهر شعبي بابت مختلف موضوعن تي خيالن جو اظهار ڪندا، نمائش ۾ چين، ترڪيه، ايران، برطانيا، گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن جا وفد به شرڪت ڪندا جنهن سان پاڪستان جي هيلٿ ڪيئر شعبي ۾ عالمي سهڪار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. هيلٿ ايشيا 2026ع جديد طبي تحقيق، ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ پائيدار صحت جي نطام کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي جڏهن ته اهو ايونٽ ملڪي صحت جي شعبي کي عالمي مارڪيٽ سان جوڙڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.