ٽيلي ميڊيس اهم اسڪيم آهي، حڪومت عوام کي طبي سهولتون کين گهرن جي دروازي تائين فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن هڪ اهم اسڪيم آهي جنهن جي ذريعي عوام کي طبي سهولتون سندن گهرن جي چانئٺ تائين فراهم ڪري سگهجن ٿيون ۽ انهن کي معمولي بيماري جي علاج لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ موجود اسپتالن ڏانهن وڃڻو نه پوندو. اها ڳالهه وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ٽيلي ميڊيسن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران چئي. …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن هڪ اهم اسڪيم آهي جنهن جي ذريعي عوام کي طبي سهولتون سندن گهرن جي چانئٺ تائين فراهم ڪري سگهجن ٿيون ۽ انهن کي معمولي بيماري جي علاج لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ موجود اسپتالن ڏانهن وڃڻو نه پوندو. اها ڳالهه وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ٽيلي ميڊيسن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران چئي. هن چيو ته حڪومت عوام کي طبي سهولتون انهن جي گهر جي دروازي تائين فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين، هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ اسان سڀني جي ذميوراري آهي.  هن وڌيڪ چيو ته ٽيلي ميڊيسن سينٽرز ذريعي فائدو حاصل ڪندڙ مريضن جي خدمت نيڪ عمل آهي جنهن جو اجر دنيا ۽ آخرت ۾ ملندو. وفاقي وزير منصوبي جي ڪاميابي تي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته عوامي خدمت جي ان مرڪز کي وڌيڪ ترقي ڏياري ويندي ته جيئن وڌ کان وڌ مريض فائدو حاصل ڪري سگهن.