پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران ملڪ موڪليل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن ۾ ساليانو بنياد تي 15 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي هڪ سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه موڪليل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن ۾ ساليانو بنياد تي 15 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي هڪ سيڪڙو جو اضافو  ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين  جي ملڪ موڪليل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه موڪليل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن ۾ ساليانو بنياد تي 15 سيڪڙو ۽ ماهوار بنياد تي هڪ سيڪڙو جو اضافو  ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين  جي ملڪ موڪليل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو 7.287 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي  6.353 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين 3.656 ارب ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ موڪليو جيڪو جولاءِ جي 3.630 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو ۽ گذريل مالي سال جي ان عرصي جي 3.656 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي.