اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جي ڳاڻيٽي ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي جڏهن ته ايم ٽو ۽ بينڪن جي ڊپازٽس ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن مطابق 28 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11.678 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي مقابلي ۾ 0.9 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ۾ گردش …
ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جي ڳاڻيٽي ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جي ڳاڻيٽي ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي جڏهن ته ايم ٽو ۽ بينڪن جي ڊپازٽس ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن مطابق 28 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11.678 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي مقابلي ۾ 0.9 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11.78 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو . هلندڙ مالي سال جي شروعات کان هيل تائين گردش هيٺ ڪرنسي جي ڳاڻيٽي ۾ مجموعي طورتي 2.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. انگن اکرن موجب28 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ بينڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 32.21 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي مقابلي ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي دوران بينڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 31.89 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. هلندڙ مالي سال جي شروعات کان وٺي هيل تائين بينڪن جي ڊپازٽس ۾ مجموعي طورتي 6.5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. اهڙي طرح 28 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ (ايم ٽو ) جو ڳاڻيٽو 43.94 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي مقابلي ۾ 0.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل هفتي ۾ ايم ٽو جو ڳاڻيٽو 43.73 ٽريلين رپيا رڪارد ڪيو ويو هو.












