پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي: پي ڊي ايم اي ترجمان

لاهور- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۽ ندين ۽ نالن  ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. پاڪستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب چناب، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جي صورتحال معمول موجب آهي جڏهن ته ناله ڊيڪ سميت ٻين نالن ۾ پڻ پاڻي جي صورتحال معمول موجب آهي. ترجمان موجب تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 78 سيڪڙو ڀرجي چڪا آهن. پي …

لاهور- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۽ ندين ۽ نالن  ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. پاڪستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب چناب، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جي صورتحال معمول موجب آهي جڏهن ته ناله ڊيڪ سميت ٻين نالن ۾ پڻ پاڻي جي صورتحال معمول موجب آهي. ترجمان موجب تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 78 سيڪڙو ڀرجي چڪا آهن. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب صورتحال جي لڳاتار نگراني ڪئي پئي وڃي. شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي غير ضروري طور تي دريائن، نهرن ۽ ندين نالن وارن علائقن ڏانهن تفريح جي مقصد لاءِ وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجن ٻارن جو خيال رکن ۽ انهن کي دريائن، ندين نالن، نهرن ۾ وڃڻ يا وهنجڻ جي اجازت نه ڏين.