لنڊن- 9 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي مختلف هوائي اڏن تان 400 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول اداري موجب فني خرابي سبب برطانيه جي هوائي اڏن تي 400 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. جنهن سبب مسافرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جو 5 وڳي تائين فني مسئلي سبب برطانيا …
برطانيه جي مختلف هوائي اڏن تي 400 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي
لنڊن- 9 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي مختلف هوائي اڏن تان 400 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول اداري موجب فني خرابي سبب برطانيه جي هوائي اڏن تي 400 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. جنهن سبب مسافرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جو 5 وڳي تائين فني مسئلي سبب برطانيا جي هوائي اڏن تي 425 اڏامون ملتوي ڪيون ويون هيون. برطانيه جي نيشنل ايئر ٽريفڪ سروسز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته "اسان خرابي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ حل لاڳو ڪيو آهي ۽ اسان جو فلائيٽ سسٽم بحال ٿيڻ شروع ٿي رهيو آهي.” اداري وڌيڪ چيو ته "اسين پنهنجي ايئر لائنز ۽ ايئرپورٽ صارفين سان ويجهي رابطي ۾ بحالي جو ڪم جاري رکيو آهي . ” نيشنل ايئر ٽرئفڪ سروسز مسافرن جي سفري انتظامن ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽ تي معزرت به ڪئي آهي.












