ماسڪو-09 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ اڱاري ڏينهن ٽيليفون تي رابطو ٿيو ان کي ڪريملن جي نمائندي يوري اوشاڪوف تعميري ۽ انتهائي بهتر قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يوري اوشاڪوف ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيون. ان عرصي دوران صدر پيوٽن واضح ڪيو ته روس جو يورپي ملڪن خلاف ڪو به جارحاڻو …
روس ۽ آمريڪي صدرن جو يوڪرين تڪرار تي ٽيليفون تي رابطو، ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
ماسڪو-09 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ اڱاري ڏينهن ٽيليفون تي رابطو ٿيو ان کي ڪريملن جي نمائندي يوري اوشاڪوف تعميري ۽ انتهائي بهتر قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يوري اوشاڪوف ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيون. ان عرصي دوران صدر پيوٽن واضح ڪيو ته روس جو يورپي ملڪن خلاف ڪو به جارحاڻو عزم ناهي. هن چيو ته يورپي ملڪن خلاف روس جي خطري بابت ڳالهيون دراصل يوڪرين لاءِ حمايت وڌائڻ ۽ پنهنجي دفاعي خرچ ۾ اضافي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن. ڪريملن جي نمائندي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين تڪرار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تڪرار جي خاتمي سان روس ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي مڪمل بحالي لاءِ وڌيڪ امڪان پيدا ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن انساني بنيادن تي مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو جنهن ۾ گرفتاري هيٺ ۽ سزا يافته ماڻهن جي ڏي وٺ به شامل آهي. يوري اوشاڪوف وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته ٻنهي صدرن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون مڪمل ڳجهيون رکيون ويون آهن.












