سعودي عرب پاران عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل کي ڪعبه جي غلاف جي ٽڪڙي جو تحفو ڏنو ويو

رياض-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل نبيل فهمي کي ڪعبه جي غلاف جي ٽڪڙي جو تحفو پيش ڪيو.  پرڏيهي ميڊيا موجب خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايت تي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جي نمائندگي ڪندي نائب پرڏيهي وزير وليد الخريجي عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل نبيل فهمي کي غلاف ڪعبه جي ٽڪڙي جو تحفو پيش ڪيو. اهو تحفو عرب …

رياض-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل نبيل فهمي کي ڪعبه جي غلاف جي ٽڪڙي جو تحفو پيش ڪيو.  پرڏيهي ميڊيا موجب خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايت تي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جي نمائندگي ڪندي نائب پرڏيهي وزير وليد الخريجي عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل نبيل فهمي کي غلاف ڪعبه جي ٽڪڙي جو تحفو پيش ڪيو. اهو تحفو عرب ليگ جي ميمبر ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان مملڪت جي عزم، سڄي دنيا جي مسلمانن جي خانه ڪعبه لاءِ گهري مذهبي عقيدت ۽ گڏيل عرب قدمن کي اڳتي وڌائڻ ۾ عرب ليگ جي ڪردار جي حمايت کي اجاگر ڪري ٿو.