صدر آصف علي زرداري پاران عوامي جمهوريه ڪوريا جي صدر ڪم جونگ آن ۽ سندس ملڪ جي عوام کي جمهوريه جي قيام جي 78هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوامي جمهوريه ڪوريا جي صدر ڪم جونگ آن ۽ سندس ملڪ جي عوام کي جمهوريه جي قيام جي 78هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان پختي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، جيڪي ٻنهي قومن جي گڏيل مفاد ۾ هوندا. اربع ڏينهن ايوان صدر …

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوامي جمهوريه ڪوريا جي صدر ڪم جونگ آن ۽ سندس ملڪ جي عوام کي جمهوريه جي قيام جي 78هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان پختي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، جيڪي ٻنهي قومن جي گڏيل مفاد ۾ هوندا. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر پنهنجي خط ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه ڪوريا ۾ گڏيل اعتماد ۽ خيرسگالي تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن پختي اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، جيڪي ٻنهي قومن جي گڏيل مفاد ۾ هوندا. هن عوامي جمهوريه ڪوريا جي عوام جي مسلسل ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.