اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ تاجڪستان جي عوام کي سندن آزادي جي 35هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي گڏيل عقيدي، ثقافتي هڪجهڙائي، گڏيل ورثي ۽ …
صدر آصف علي زرداري پاران تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ تاجڪستان جي عوام کي سندن آزادي جي 35هين سالگرهه تي مبارڪباد
اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ تاجڪستان جي عوام کي سندن آزادي جي 35هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان تاجڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي گڏيل عقيدي، ثقافتي هڪجهڙائي، گڏيل ورثي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، توانائي، رابطن ۽ عوامي سطح تي اچ وڃ سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي مسلسل توسيع کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. صدر آصف علي زرداري ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته صدر امام علي رحمان جي بصيرت واري قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي حصيداري مضبوط ٿيندي رهندي، جيڪا خطي ۾ امن، استحڪام، رابطن ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي.












