صدر پاران بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر واشڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران 2.9 ٽن بارودي مواد هٿ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد …

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر واشڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران 2.9 ٽن بارودي مواد هٿ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته فتنه الھندوستان دهشتگردن جي نيٽ ورڪس جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايُون جاري رهنديُون.