اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويندو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 11 دهشتگردن کي مارڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ موثر ڪارروائي کي …
وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويندو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 11 دهشتگردن کي مارڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ موثر ڪارروائي کي ساراهيو. وزيراعظم خاران ۾ رستو بند ڪري ٽريفڪ کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ، واشڪ ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ ۽ 2.9 ٽن بارودي مواد هٿ ڪرڻ تي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ۽ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو آندو ويندو. هن چيو ته فتنه الخوارج ۽ ٻين دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروايُون پوري طاقت سان جاري رهنديُون.












