وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران بلوچستان ۾ 11 دهشتگردن کي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان ۾ 11 دهشتگردن کي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ڪوبه ٽوڙي نٿو سگهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وقتي صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جرئت، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ عزم ساراهه جوڳا آهن. …

اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان ۾ 11 دهشتگردن کي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ڪوبه ٽوڙي نٿو سگهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وقتي صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جرئت، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ عزم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته واشڪ ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪرڻ اهم ڪاميابي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم مُلڪ جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ قربانيُون ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهيون.