اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران گڏيل ويجهن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد- 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران گڏيل ويجهن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. انهن علائقائي صورتحال ۽ علائقائي معاملن تي ويجهي مُشاورت جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ سعودي عرب ۽ تُرڪيه سان علائقائي چئن مُلڪن جي پرڏيهي وزيرن ( آر فور) وسيلي مُشاورت به شامل آهي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ مُلاقات ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.












