اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت وفاقي گادي واري شهر ۾ اهم انتظامي ڦيرڦار تحت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي ڊائريڪٽر ميونسپل ايڊمنسٽريشن (ڊي ايم اي) انعم فاطمه جي بدلي ڪئي وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل باضابطا نوٽيفڪيشن موجب، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 18 جي آفيسر محترمه انعم فاطمه، جيڪا سي ڊي اي ۾ ڊيپوٽيشن تي خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي …
ڊائريڪٽر ڊي ايم اي انعم فاطمه تبديل، خدمتون ضلعي انتظاميا جي حوالي
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت وفاقي گادي واري شهر ۾ اهم انتظامي ڦيرڦار تحت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي ڊائريڪٽر ميونسپل ايڊمنسٽريشن (ڊي ايم اي) انعم فاطمه جي بدلي ڪئي وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل باضابطا نوٽيفڪيشن موجب، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 18 جي آفيسر محترمه انعم فاطمه، جيڪا سي ڊي اي ۾ ڊيپوٽيشن تي خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي جي بدلي ڪري سندس خدمتون گهرو وزارت ۽ منشيات جي خاتمي واري ڊويزن جي حوالي ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن تحت کيس اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ايڊمنسٽريشن ۾ مقرري جي لاءِ موڪليو ويو آهي. حڪمن موجب بدلي جو لاڳو فوري طور تي ٿيندو جيڪو ٻئي حڪم تائين موثر رهندو.












