راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه اڱاري ڏينهن پاڪستان نيوي ڊي ملهايو ۽ 1965ع جي جنگ دوران پاڪ بحريه جي جانباز بحري جنگجوئن جي بهادري کي ياد ڪندي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ملڪ جي دفاع ۾ جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ قرباني جي ان لازوال ميراث کي به خراج تحسين پيش ڪيو ويو جنهن کي بعد جي نسلن به اڳتي وڌايو. آءِ ايس پي آر مان …
پاڪستان جي سامونڊي فوج پاران نيوي ڊي، 1965ع جي سامونڊي هيروز کي خراج عقيدت
راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه اڱاري ڏينهن پاڪستان نيوي ڊي ملهايو ۽ 1965ع جي جنگ دوران پاڪ بحريه جي جانباز بحري جنگجوئن جي بهادري کي ياد ڪندي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ملڪ جي دفاع ۾ جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ قرباني جي ان لازوال ميراث کي به خراج تحسين پيش ڪيو ويو جنهن کي بعد جي نسلن به اڳتي وڌايو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پاڪستان نيوي ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تاريخي آپريشن سومناٿ ثابت ڪيو ته عزم ۽ حوصلي سان ٽمٽار هڪ مضبوط بحري قوت، عددي ۽ مادي وسيلن جي کوٽ باوجود فيصلائتا نتيجا حاصل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آپريشن سومناٿ دوران قائم ٿيل جرئت ۽ عزم جي روايت اڄ به برقرار آهي، جنهن جو هڪ دفعو ٻيهر مظاهرو معرڪه حق دوران ڀارتي بحريه خلاف پاڪستان نيوي جي ڪامياب ۽ موثر ڊٽرنس جي صورت ۾ ٿيو. پاڪستان نيوي ڊي جي شروعات قرآن خواني ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر رکي ۽ شهيدن جي وارثن سان ملاقات سان ڪئي. سندن قربانين ۽ ثابت قدمي کي خراج تحسين پيش ڪيو. نيوي ڊي جون تقريبون سڄي ملڪ ۾ منعقد ڪيون ويون.












