اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي سال 26-2025ع جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر 2026ع آهي. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مان جاري بيان موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت پارليامينٽ جي سمورن ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي شريڪ حيات سميت ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن …
پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي سال 26-2025ع گواشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر 2026ع آهي: اليڪشن ڪميشن
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي سال 26-2025ع جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر 2026ع آهي. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مان جاري بيان موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت پارليامينٽ جي سمورن ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي شريڪ حيات سميت ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ رهتن جا گوشوارا مالي سال 26-2025ع تجويز ڪيل فارم – بي جي صورت ۾ مقر تاريخ کان اڳ يا 31 ڊسمبر 2026ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. سيڪشن 137 جا حصا هيٺ ڏنا وڃن ٿا. سيڪشن 137 اثاثن ۽ رهتن جن گوشوارن جي فراهمي، هر اسيمبلي ۽ سينيٽ جو ميمبر گذريل 30 جون تائين جي پنهنجي شريڪ حيات سميت ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ رهتن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائيندو. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) تحت ڪميشن هڪ پريس رليز ذريعي هر سال پهرين جنوري تي مقرر تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا شايع ڪندو. 16 جنوري تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوري تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏيندو ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين اهي پارليامينٽ يا اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائي ۾ حصو نه وٺي سگهندا. جيڪڏهن ڪو ميمبر پنهنجي پيش ڪيل گوشوارن ۾ ڪنهن قسم جي غلط معلومات فراهم ڪندي ڏٺو ويو ته ڪميشن سيڪشن 137 تحت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ کان 120 ڏينهن اندر ان بدعنواني جو ڏوهه ڪرڻ تي ڪارروائي ڪندو. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايتون/رهنمائي سان گڏ مقرر فارم – بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جون آفيسون، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو. فارم – بي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ويب سائيٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.












