نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ کنڊ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ کنڊ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب هن ملڪ ۾ کنڊ جي وڏي ذخيرن جي دستيابي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده ذخيرا ۽ متوقع پيداوار گڏجي ايندڙ ڪريشنگ سيزن تائين ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ کنڊ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب هن ملڪ ۾ کنڊ جي وڏي ذخيرن جي دستيابي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده ذخيرا ۽ متوقع پيداوار گڏجي ايندڙ ڪريشنگ سيزن تائين ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. هن غذائي تحفظ، مارڪيٽ جي استحڪام ۽ ضروري شين جي مناسب اگهن تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل نگراني، موثر رابطي ۽ وقت سر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ خوراڪ واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، خوراڪ واري سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.