اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ دانش اسڪول اٿارتي جي پهرين اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ دانش اسڪول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ، افرادي قوت ۾ بهتري، مالي اثرن، انتطامي ۽ حڪمراني جي نظام ۽ اداره جاتي ڍانچي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ دانش اسڪولن جي ايندڙ پنجن سالن کان 10 سالن تائين …
دانش اسڪول اٿارٽي جي پهرين اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، نئين سر جوڙجڪ ۽ مالي پائيداري جو جائزو
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ دانش اسڪول اٿارتي جي پهرين اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ دانش اسڪول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ، افرادي قوت ۾ بهتري، مالي اثرن، انتطامي ۽ حڪمراني جي نظام ۽ اداره جاتي ڍانچي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ دانش اسڪولن جي ايندڙ پنجن سالن کان 10 سالن تائين مالي پائيداري يقيني بڻائڻ، استادن جي تربيت، تدريسي معيار ۾ بهتري ۽ سڌارن تي موثر عملدرآمد لاءِ لائحه عمل تي به غور ڪيو ويو. تعليم واري سيڪريٽري اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته دانش اسڪول جو بنيادي تصور مستحق ۽ غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي معياري تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ آهي، ان مقصد تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم سان گڏ رهائش، خوراڪ ۽ ٻيون ضروري سهولتون به بنا معاوضي فراهم ڪيون وينديون آهن. وفاقي وزير احسن اقبال هدايت ڪئي ته دانش اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتي شاگردن ۽ استادن جي مناسب شرح کي نظر ۾ رکندي ڪئي وڃي ته جيئن تدريسي معيار کي برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب دانش اسڪول غريب ۽ مستحق ٻارن کي ايڇي سن ڪاليج جي معيار جي تعليم فراهم ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. هن چيو ته دانش اسڪول پٺتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن معياري تعليم ذريعي انهن علائقن جي ٻارن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ انهن علائقن جي تقدير بدلائي سگهجي. اجلاس ۾ دانش اسڪولن لاءِ گهربل افرادي قوت جو نئين سري سان جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪئي وئي ته جيئن ضرورتن موجب مناسب ۽ موثر انتظامي ۽ تدريسي عمل يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير قومي نصاب جي حوالي سان چيو ته قومي نصاب جو فريم ورڪ 2026ع وزيراعظم کي پيش ڪيو وڃي ته جيئن هو ان جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ هڪ باقاعده اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي سگهجي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي اختلاف يا مسئلي کان بچي سگهجي. احسن اقبال چيو ته قومي نصاب فريم ورڪ جو جامع ۽ تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قومي نصاب فريم ورڪ تي سمورين سياسي پارٽين، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل ڌرين وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته قومي نصاب ملڪ جي مستقبل ۽ نئين نسل جي فڪري ۽ تعليمي رخ مقرر ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو.












