اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سينيٽ پنهنجي قانونسازي جي معاملن کي ڊجيٽل بڻائڻ لاءِ هڪ مخصوص موبائيل ايپليڪيشن جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪا ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي سان ليس ۽ پيپر ليس پارليامينٽ جي قيام جي ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ايوان ۾ ڪارڪردگي جو هجڻ صرف انتظامي سهولت ئي ناهي پر جمهوري جوابدهي …
سينيٽ پاران قانونسازي جي معاملن کي ڊجيٽل بڻائڻ لاءِ هڪ مخصوص موبائيل ايپليڪيشن جاري ، جيڪا ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي سان ليس ۽ پيپر ليس پارليامينٽ جي قيام جي ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي: شزه فاطمه خواجه
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سينيٽ پنهنجي قانونسازي جي معاملن کي ڊجيٽل بڻائڻ لاءِ هڪ مخصوص موبائيل ايپليڪيشن جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪا ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي سان ليس ۽ پيپر ليس پارليامينٽ جي قيام جي ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ايوان ۾ ڪارڪردگي جو هجڻ صرف انتظامي سهولت ئي ناهي پر جمهوري جوابدهي به آهي. اڱاري ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب سينيٽ آف پاڪستان پنهنجي قانونسازي جي معاملن کي ڊجيٽل بڻائڻ لاءِ هڪ مخصوص موبائيل ايپليڪيشن جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪا ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي سان ليس ۽ پيپر ليس پارليامينٽ جي قيام جي ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه ان اڳرائي کي پاڪستان جي ڊجيٽل نيشن ايجنڊا طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جديد، شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل طرز حڪمراني لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو قدم عملي طور تي ڊجيٽل گورننس جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪو ڊزائين ۾ خودمختيار، صلاحيت ۾ مقامي ۽ ساخت جي لحاظ کان جوابده آهي ۽ ايوان ۾ ڪارڪردگي جو هجڻ رڳو انتظامي سهولت ئي نه پر جمهوري جوابدهي به آهي. وفاقي وزير ان قدم جي قيادت ڪرڻ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي قيادت کي ساراهيو ۽ سمورن رياستي ادارن ۾ اهڙن منصوبن کي قائم رکڻ لاءِ فني مهارت، بنيادي ڍانچي ۽ سيڪيورٽي فريم ورڪ جي فراهمي ۾ وزارت جي مسلسل تعاون جو ورجاءُ ڪيو. هي موبائيل ايپليڪيشن سينٽرز کي پنهنجي سمارٽ فونز ۽ هينڊ هيلڊ ڊوائيسز تي سڌي ريت قانونسازي جي دستاويزن، ايجنڊا (آرڊر آف دي ڊي)، بلز، قراردادن، ڪميٽي رپورٽن ۽ ٻين پارلياماني معاملن تائين پهچ فراهم ڪندي جنهن سان ڪاغذي ڪارروائي جي ضرورت ختم ٿي ويندي ۽ قانونسازي جو عمل وڌيڪ موثر بڻجندو. ايپليڪيشن سينيٽ جي ايجنڊا، بلز، اجلاس جي شيڊول، قانونسازي جي دستاويزن، رٿن ۽ ڪميٽي جي ڪاررواين جي ڊجيٽل ذخيري سان گڏوگڏ جاري پارلياماني معاملن بابت وقت سر اطلاع (نوٽيفڪيشنز) فراهم ڪندي جنهن سان ڪاغذي عمل تي دارومدار ۾ گهٽتائي ايندي. سينيٽ جي اها موبائيل ايپليڪيشن اي گورننس طرف پاڪستان جي وسيع تر ڪوششن جو حصو آهي جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ ڪيترن ئي صوبائي اسيمبلين ۾ پهرين کان جاري ڊجيٽلائيزيشن جا قدم شامل آهن. عمومي ادارن ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سڌارن جي هم آهنگي لاءِ حڪومت جي مرڪزي وزارت طور آءِ ٽي واري وزارت ان ايپليڪيشن جي ڪامياب لاڳو ۽ مسلسل بهتري کي يقيني بڻائڻ ۾ پارليامينٽ جي مدد جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.












