سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 62 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 62 هزار 1 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 857 رپين جي …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 62 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 62 هزار 1 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 857 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 97 هزار 064 رپين مان گهٽجي 3 لک 96 هزار 207 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 63 هزار 988 رپين مان گهٽجي 3 لک 63 هزار 202 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 10 روپين جي واڌ کانپوءِ 7069 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 9 رپين جي واڌ کانپوءِ 6060 رپيا ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4406 ڊالرز مان گهٽجي 4396 ڊالرز ٿي وئي آهي.