پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 993.91 جي گهٽتائي کانپوءِ 172642.16 ٿي ويو

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 993.91 جي گهٽتائي کانپوءِ 172642.16 ٿي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 101 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 359 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 109 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 288.51 …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 993.91 جي گهٽتائي کانپوءِ 172642.16 ٿي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 101 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 359 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 109 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 288.51 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 51414.64 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1413.59 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 246107.08 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 225242753 شيئرز ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 27.94 ارب رپيا هئي، فيوچر ٽريڊنگ تحت 8.30 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا، پاڪستان رفائنري لميٽيڊ جي 41087972 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. پاپولر اسلامڪ مضاربه، فتح انڊسٽريز لميٽيڊ ۽ سروسز لميٽيڊ سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.