سنڌ جي وڏي وزير پاران سامونڊي فوج جي ڏينهن تي خاص پيغام جاري

ڪراچي  - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سامونڊي فوج جي قومي ڏينهن جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر جو ڏينهن 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ بحريه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ قربانين جي ياد ڏياري ٿو.هن چيو ته "آپريشن ڊوارڪا" پاڪ بحريه جي جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ بهترين حڪمتِ عملي جو تاريخي مثال آهي. سنه 1965ع …

ڪراچي  – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سامونڊي فوج جي قومي ڏينهن جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر جو ڏينهن 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ بحريه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ قربانين جي ياد ڏياري ٿو.هن چيو ته "آپريشن ڊوارڪا” پاڪ بحريه جي جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ بهترين حڪمتِ عملي جو تاريخي مثال آهي. سنه 1965ع ۾ پاڪ بحريه جي 25هين ڊسٽرائر اسڪواڊرن دشمن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪري تاريخ رقم ڪئي.وزيراعليٰ سنڌ پاڪ بحريه جي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪندي چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ بحري فوج جا جوان قوم جو فخر آهن. پاڪستان جي سامونڊي حدن جي دفاع ۾ پاڪ بحريه جو ڪردار ناقابلِ فراموش آهي.سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا سامونڊي ڪنارا ملڪي دفاع، واپار ۽ معيشت لاءِ انتهائي اهميت رکن ٿا. سنڌ جو ڊگهو سامونڊي ڪنارو ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين قومي معيشت جو اهم اثاثو ۽ پاڪستان جي سامونڊي سڃاڻپ جو حصو آهي.هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي ڪنارن ۽ عربي سمنڊ ۾ ملڪي مفادن جو تحفظ قومي ذميواري آهي ۽ اسان جي بحريه سمورن سامونڊي علائقن جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. يومِ بحريه اسان کي پنهنجي سامونڊي ورثي ۽ سامونڊي حدن جي تحفظ جي عزم جي ياد ڏياري ٿو. وزيراعليٰ سنڌ پاڪستان نيوي جي آفيسرن، جوانن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي سامونڊي حدن، ڪنارن ۽ قومي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو. پاڪ بحريه پاڪستان جي سامونڊي سلامتي ۽ قومي مفادن جي ضامن آهي.