ڪراچي - 08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ پيش آيل ٽريڪٽر ٽرالي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعليٰ سنڌ حادثي ۾ 4 قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪئي.سيد مراد علي شاهه انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي …
ٺٽي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي حادثي جو شڪار، وزيراعليٰ پاران ڏک جو اظهار
ڪراچي – 08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ پيش آيل ٽريڪٽر ٽرالي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعليٰ سنڌ حادثي ۾ 4 قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪئي.سيد مراد علي شاهه انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ڪمشنر حيدرآباد کي ٺٽي جي حادثي جي تفصيلي رپورٽ فوري طور پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.وزيراعليٰ سنڌ فوت ٿيلن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.












