سنڌ جي گورنر پاران سامونڊي فوج جي ڏينهن تي پاڪ نيوي جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش

ڪراچي- 08 سيپٽمبر (اي پي پي)  سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سامونڊي فوج جي ڏينهن تي پاڪ نيوي جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ ۾ پاڪستان جي سامونڊي فوج جي جرئت ،بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن جي ياد تازي ڪرڻ جو اهم ڏينهن آهي. 1965ع جنگ ۾ پاڪ نيوي جرئتمنداڻين ڪارروائين سان پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن …

ڪراچي- 08 سيپٽمبر (اي پي پي)  سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سامونڊي فوج جي ڏينهن تي پاڪ نيوي جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ ۾ پاڪستان جي سامونڊي فوج جي جرئت ،بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن جي ياد تازي ڪرڻ جو اهم ڏينهن آهي. 1965ع جنگ ۾ پاڪ نيوي جرئتمنداڻين ڪارروائين سان پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن جي ڌاڪ مڃرائي. پاڪ نيوي سامونڊي حدن جي دفاع ۽ دشمن جا ارادا ناڪام بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪ نيوي اڄ به ملڪي سامونڊي حدن، قومي سلامتي ۽ سامونڊي مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسين پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهيون، ملڪي دفاع لاءِ سندن عزم کي سلام پيش ڪريون ٿا.