اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اٽلي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي زراعت، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت، صنعت، ٽيڪسٽائيل ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطالوي جمهوريه جي پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ نئين سفير …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ اٽلي جي نئين مقرر ٿيندڙ سفير يوگو سيارلاتاني جي ملاقات
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اٽلي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي زراعت، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت، صنعت، ٽيڪسٽائيل ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطالوي جمهوريه جي پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ نئين سفير يوگو سيارلاتاني وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ نئين اطالوي سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ بهترين ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن. هن اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اطالوي اڳواڻ سان پنهنجي اڳوڻي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو. هن وزيراعظم ميلوني جي مسلسل چار سالن تائين عهدي تي رهڻ تي پڻ خوشي جو اظهار ڪيو جنهن سان گڏ ئي هوءَ اٽلي جي ڊگهي ترين مدي تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ اڳواڻ بڻجي وئي آهي. سفير سيارلاتاني ملاقات جو موقعو فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو پنهنجي مقرري دوران پاڪستان ۽ اٽلي جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو. ان سلسلي ۾ هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ حڪومت سان ويجهي تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي زراعت، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت، صنعت، ٽيڪسٽائيل ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ پاڪستان پاران مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو.












