ملڪ ۾ برداشت، انسانيت جي احترام، امن ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان سدائين ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ پرامن حل جي حمايت ڪئي آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب

اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ ۾ برداشت، انسانيت جي احترام، امن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ پرامن، متحد ۽ مضبوط پاڪستان جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انسانيت جو احترام اسان جي دين جي بنيادي تعليم ۾ شامل آهي، پاڪستان …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ ۾ برداشت، انسانيت جي احترام، امن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ پرامن، متحد ۽ مضبوط پاڪستان جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انسانيت جو احترام اسان جي دين جي بنيادي تعليم ۾ شامل آهي، پاڪستان هڪ گهڻ مذاهب معاشرو آهي ۽ اسان جي آئين سمورن شهرين کي برابر حق، مذهبي آزادي ۽ تحفظ فراهم ڪيو آهي، انسانيت جي احترام، ڀائيچاري ۽ امن جو تصور رڳو اسان جي داخلي صورتحال تائين محدود نه آهي، پاڪستان سدائين ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ پرامن حل جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان امن چاهي ٿو، امن جي لاءِ بيٺل آهي ۽ خطي ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان جو موقف واضح آهي ته مضبوط دفاع جو مقصد جنگ کي فروغ ڏيڻ نه آهي پر امن، خودمختياري، علائقائي استحڪام ۽ پنهنجي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي “انسانيت جي احترام، پاڪستان جي دفاع ۽ پاڪستان جي پيغام جو فروغ” جي عنوان هيٺ عالمي امن ۽ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، پنجاب جي انساني حقن ۽ اقليتي معاملن واري صوبائي وزير سردار رميش سنگهه، وزيراعظم جي سياحت واري صلاحڪار سردار ياسر الياس خان، انٽر لائيف منسٽريز واري چيئرمين سينيئر پاسٽر انور فضل، باني ۽ سينيئر پاسٽر سٽي هارويسٽ چرچ پاسٽر ڪونگ هي، عالمن ۽ پارليامينٽرينز شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني شرڪت ڪندڙن کي بحريه ڏهاڙي تي دلي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اڄ جي هي عالمي امن ۽ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس هڪ اهڙي وقت ۾ منعقد ٿي رهي آهي جڏهن دنيا کي امن، برداشت، ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل احترام جي اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪانفرنس جو موضوع “انسانيت جي احترام، پاڪستان جي دفاع ۽ پاڪستان جي پيغام جو فروغ” اصل ۾ اسان جي قومي تشخص، اسان جي ديني قدرن ۽ اسان جي رياستي ذميوارين جي ٽن اهم رخن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو، مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو ته هن ان اهم قومي موضوع تي سمورن طبقن کي گڏ ڪيو، مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ۽ سندس خاندان جون بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي ڀائيچاري ۽ قومي يڪجهتي جي فروغ جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته انسانيت جو احترام اسان جي دين جي بنياد تعليم ۾ شامل آهي، اسلام انسان جي عزت، جان ۽ مال ۽ بنيادي حقن جي تحفظ تي زور ڏنو آهي، رسول اڪرم ﷺ جي سيرت طيبه اسان کي مختلف مذهبن ۽ طبقن سان عدل، ڀائيچاري، حسن سلوڪ ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو عملي نمونو فراهم ڪري ٿي، ان حوالي سان ميثاق مدينه اسان جي لاءِ هڪ روشن تاريخي مثال آهي، رياست مدينه ۾ مختلف مذهبي ۽ قبائلي طبقن کي هڪ گڏيل نظم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ انهن جي حقن، ذميوارين ۽ گڏيل تحفظ جا اصول طئي ڪيا ويا، اهو اسان کي سبق ڏي ٿو ته مضبوط معاشرو اهو ئي هوندو آهي جتي مختلف عقيدن ۽ سڃاڻپ رکندڙ ماڻهن کي عزت، تحفظ ۽ پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي آزادي حاصل هجي، هي اهي اصول آهن جيڪي پاڪستان جي تصور ۽ آئيني ڍانچي ۾ به نمايان نظر اچن ٿا، پاڪستان هڪ گهڻ مذاهب معاشرو آهي ۽ اسان جي آئين سمورن شهرين کي برابر حق، مذهبي آزادي ۽ تحفظ فراهم ڪيو آهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قائداعظم محمد علي جناح به اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو جتي هر شهري کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو مڪمل حق حاصل هجي. اسان جون اقليتي برادريون پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سدائين شريڪ رهيون آهن. تعليم، صحت، دفاع، سياست، معيشت، سماجي خدمت ۽ قومي زندگي جي مختلف شعبن ۾ انهن جون خدمتون اسان جي قومي اثاثي جو حصو آهن. ان لاءِ اقليتن جي حقن جو تحفظ رڳو هڪ آئيني ذميواري نه آهي پر اسان جي ديني، اخلاقي ۽ قومي ذميواري به آهي. انهي قومي ذميواري کي مضبوط بڻائڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي. سينيٽ وفاق جي علامت ۽ سمورن صوبن جي نمائندگي ڪندڙ ايوان آهي، ان جو ڪردار قانونسازي سان گڏوگڏ قومي يڪجهتي، ڀائيچاري، ڳالهه ٻولهه ۽ سمورن شهرين جي برابر حقن جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ آهي. انهي جذبي تحت سينيٽ مائنارٽي ڪاڪس جو قيام هڪ اهم پارلياماني قدم آهي. ان جو مقصد اقليتي برادرين جي مسئلن ۽ حقن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ، انهن جي پارلياماني شرڪت کي مضبوط بڻائڻ ۽ قومي فيصلاسازي جي عمل ۾ انهن جي آواز کي وڌيڪ موثر بڻائڻ آهي، اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته پاڪستان جو هر شهري ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به  مذهب، مسلڪ يا طبقي سان هجي، پاڻ کي رياست ۽ معاشري جو برابر جو حصو محسوس ڪري. هن چيو ته انسانيت جي احترام، ڀائيچاري ۽ امن جو اهو تصور رڳو اسان جي داخلي صورتحال تائين محدود نه آهي. پاڪستان سدائين ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ پرامن حل جي حمايت ڪئي آهي. تازي آمريڪي ايران تڪرار دوران به پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سفارتي رابطن ۽ مشاورت جي ذريعي امن ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اڳتي وڌايو. اهو ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ طاقت بدران ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏي ٿو. انهي ڏس ۾ تازو مڪه مڪرمه دفاعي معاهدو به بدلجندڙ علائقائي حالتن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. پاڪستان جو موقف واضح آهي ته مضبوط دفاع جو مقصد جنگ کي فروغ ڏيڻ نه آهي پر امن، خودمختياري، علائقائي استحڪام ۽ پنهنجي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. دفاع اسان جي ضرورت آهي پر امن اسان جي منزل آهي جڏهن ته امن جي خواهش سان گڏ پنهنجي سرزمين، خودمختياري ۽ عوام جو دفاع ڪرڻ به اسان جي رياستي ذميواري آهي. وقتي صدر چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بدامني جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان دشمن عنصر ۽ دهشتگرد تنظيمون اسان جي قومي اتحاد ۽ امن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن. فتنه الهندستان جهڙن چئلينجز جي مقابلي ۾ اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مسلسل قربانيون ڏنيون آهن. آپريشن شعبان سميت دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون ان عزم جو اظهار آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين کي دهشتگردي ۽ بدامني جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. معرڪه حق ۽ آپريشن بُنيان مرصوص دوران به اسان جي هٿياربند فوج عزم، نظم ۽ ضبط، پيشيواراڻي صلاحيت ۽ قومي جذبي جو شاندار مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ان موقعي تي آئون پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪرڻ چاهيندس جن ملڪ جي دفاع ۽ امن جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. انهن جون قربانيون اسان کي اهو ياد ڏيارين ٿيون ته قومي سلامتي رڳو سرحدن جي دفاع جو نالو نه آهي پر هڪ اهڙو پرامن، متحد ۽ مضبوط معاشرو جوڙڻ به آهي جتي نفرت، انتهاپسندي ۽ ورڇ جي لاءِ ڪا جڳهه نه هجي. انهي لاءِ قومي سلامتي ۽ قومي يڪجهتي هڪ ٻئي کان جدا نه آهن. جڏهن قوم متحد هجي ۽ سياسي ۽ عسڪري قيادت قومي مفاد جي هڪ گڏيل مقصد تي متفق هجي ته پاڪستان وڏي کان وڏي مسئلن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. وقتي صدر چيو ته هاڻي اسان جي اها ذميواري آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين کي رڳو خراج عقيدت تائين محدود نه رکون پر انهن کي پائيدار امن، قومي اتحاد ۽ مضبوط پاڪستان جو بنياد بڻايون، اسان کي اهڙو معاشرو جوڙڻو آهي جتي اختلاف دشمني نه بڻجي، مذهبي سڃاڻپ ورڇ جو ذريعو نه هجي ۽ ڳالهه ٻولهه اسان جي قومي روايت جو حصو بڻجي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمن، مذهبي اڳواڻن، پارليامينٽ، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ خاص طور تي نوجوانن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اسان کي پاڪستان جي پيغام کي رڳو هڪ دستاويز نه پر هڪ قومي وچن بڻائڻو پوندو. اهڙو وچن جيڪو مذهبي ڀائيچاري، انسانيت جي احترام، امن، برداشت، اعتدال ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي اسان جي گڏيل زندگي جو حصو بڻائي. اچو اسان سڀ گڏجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته پاڪستان کي نفرت نه پر محبت، ٽڪراءُ نه پر ڳالهه ٻولهه، ورڇ نه پر اتحاد ۽ انتهاپسندي نه پر اعتدال جو مرڪز بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو، امن جي لاءِ بيٺل آهي ۽ خطي ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اسان مضبوط پاڪستان، متحد پاڪستان ۽ پرامن پاڪستان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. سيد يوسف رضا گيلاني سمورن منتظمين کي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته منهنجي دعا آهي ته هي ميڙ رڳو هڪ ڪانفرنس نه رهي پر قومي امن، بين المذاهب هم آهنگي، انسانيت جي احترام  ۽ پاڪستان جي پيغام جي فروغ جي هڪ مستقل تحريڪ جي شروعات بڻجي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين ۽ انٽر فيٿ ڪائونسل فار پيس اينڊ هارمني جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پاڪستان جي پيغام جو فروغ وقت جي سخت ضرورت آهي، وچ اوڀر ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ پوري دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي امن جو داعي بڻجي اڀريو آهي جنهن تي اسان الله تعالى جو شڪر ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلام انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي قطعي طور تي اجازت نه ٿو ڏي، اسلام هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل چيو آهي ۽ هڪ انسان جي جان بچائڻ کي پوري انسانيت جي جان بچائڻ جي برابر قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو پيغام ملڪ جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن انتهاپسند قوتن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ اڄ پوري دنيا ۾ ان بيانيي کي ساراهيو پيو وڃي، ان پيغام کي اسان هر گهر جو آواز بڻائينداسين. مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد چيو ته عالم ۽ بين المذاهب اڳواڻ، مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪن، اڄ پوري قوم ۽ بين المذاهب اڳواڻ پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.