قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  پاران گورننس انڊيڪيٽرز ۾ بهتري لاءِ ماهرن تي ٻڌل ذيلي ڪميٽي قائم

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  گورننس انڊيڪيٽرز ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ماهرن تي ٻڌل ذيلي ڪميٽي قائم ڪندي هڪ هفتي ۾ سفارشون ۽ جامع روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب گورننس انڊيڪيٽرز ڪميٽي جو اجلاس وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس …

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ  گورننس انڊيڪيٽرز ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ماهرن تي ٻڌل ذيلي ڪميٽي قائم ڪندي هڪ هفتي ۾ سفارشون ۽ جامع روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب گورننس انڊيڪيٽرز ڪميٽي جو اجلاس وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان جي گورننس انڊيڪيٽرز ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع روڊ ميپ تي غور ڪيو ويو. اجلاس کي معاشي استحڪام، ڪريڊٽ ريٽنگز ۽ گورننس انڊيڪيٽرز جي گڏيل تعلق تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام سبب ٻه کان اڍائي سالن جي عرصي ۾ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري آئي آهي جڏهن ته ڪريڊٽ ريٽنگز جي جائزن ۾ استعمال ٿيندڙ ڊيٽا عام طور تي ٻه سال پراڻي هوندي آهي جنهن سبب موجوده سڌارا ۽ بهتري جا مڪمل اثر عالمي ريٽنگز ۾ دير سان ظاهر ٿيندا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته معاشي استحڪام، بهتري ڪريڊٽ ريٽنگ، گهٽ قرض لاڳت ۽ مضبوط گورننس هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ذيلي ڪميٽي گورننس انڊيڪيٽرز جي ذيلي جاري ڪيل ۽ جائزي وٺڻ جي طريقيڪار جو تفصيلي جائزو وٺي ۽ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن جي نشاندهي ڪري. اعظم نذير تارڙ چيو ته جاري سڌارن سان گڏوگڏ پاڪستان جي حالتن ۽ اداره جاتي ڍانچي موجب قابل عمل سڌارا تجويز ڪيا وڃن. گورننس ۾ بهتري سان گڏوگڏ پاڪستان جي عالمي ساک بهتر بڻائڻ لاءِ به قدم تجويز ڪيا وڃن. قانون واري وزير عالمي ۽ علائقائي بهترين طريقيڪار جو جائزو وٺڻ ۽ فوري طور تي عمل جوڳن قدمن تي ٻڌل عارضي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ته تجويز ڪيل سڌارن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ذميواريون واضح ڪيون وڃن ته جيئن گورننس انڊيڪيٽرز ۾ بهتري لاءِ گڏيل ۽ موثر قدم يقيني بڻائي سگهجن.