ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن، اولهه وارين هوائن جو ڪمزور سلسلو ملڪ جي اترئين علائقن تي به موجود …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن، اولهه وارين هوائن جو ڪمزور سلسلو ملڪ جي اترئين علائقن تي به موجود آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي 43، سبي، دادو، تربت، دالبندين، نورپورٿل ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.