اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڪنهن به امڪاني موسمي يا هائيڊرولاجيڪل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشنل تياري برقرار رکن. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي ۾ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو 18 هون اجلاس وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ …
سمورا لاڳاپيل ادارا ڪنهن به امڪاني موسمي يا هائيڊرولاجيڪل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشنل تياري برقرار رکن.:وفاقي وزير احسن اقبال
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڪنهن به امڪاني موسمي يا هائيڊرولاجيڪل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشنل تياري برقرار رکن. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي ۾ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو 18 هون اجلاس وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، پي ڊي ايم اي، موسميات کاتي ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده موسمي صورتحال، گرمي پد ۾ اضافو، دريائن جي وهڪري جي صورتحال ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ متوقع موسمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اين ڊي ايم اي طرفان ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي کي موجوده موسمي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت سانوڻي جو ڪو فعال نظام موجود ناهي، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ ڏينهن دوران گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي، وڌيڪ گرمي پد وارن علائقن ۾ وڌندڙ گرمي پد جي نتيجي ۾ امڪاني اثرن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارا الرٽ رهن. اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان ملڪ جي موسمي ۽ هائيڊرو لوجيڪل صورتحال جي مسلسل نگراني جاري آهي. ڪميٽي موسمي صورتحال ۾ ڪنهن به امڪاني تبديلي بابت وقت سر اطلاع ۽ ايڊوائيزري جاري ڪرڻ جي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ موثر رابطا ۽ ڪوآرڊينيشن برقرار رکڻ جي به هدايت ڪئي وئي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڪنهن به امڪاني موسمي يا هائيڊرو لوجيڪل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشنل تياري برقرار رکن، اين ڊي ايم اي، اين اي او سي جي ذريعي ملڪ جي موسمي ۽ هائيڊرو لوجيڪل صورتحال جي مسلسل نگراني جاري رکندو. اين ڊي ايم اي چيو ته عوام ۽ لاڳاپيل ادارن کي امڪاني خطرن کان وقت سر آگاهه ڪرڻ لاءِ موسمي صروتحال موجب ايڊوائيزريز جاري ڪيون وينديون.












